راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن سان واٽس ايپ تي ڳالهرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف پي ٽي آءِ باني عمران خان جي پٽن سان ٽيليفونڪ ملاقات جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
درخواست تي جيل انتظاميا طرفان جواب جمع ڪرايو ويو جنهن ۾ چيو ويو ته جيل مينوئل موجب ڪنهن جوابدار جي واٽس ايپ تي مٽن مائٽن ملاقات جو قانون موجود نه آهي.
جيل انتظاميا پنهنجي ۾ جواب ۾ چيو ته عدالتي حڪم موجب پي ٽي آءِ باني جي مهيني ۾ ٻه ڀيرا پٽن سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي ويندي آهي.
عدالت جيل انتظاميا طرفان جمع ڪرايل جواب جي روشني ۾ پي ٽي آءِ باني جي واٽس ايپ تي پٽن سان ڳالهرائڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.
واضح رهي ته عمران خان پٽن سان واٽس ايپ تي رابطو ڪرائڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي جنهن تي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڊيالا جيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي جواب داخل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي هئي.
ImranKhan PTI ATC