ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مدي تائين فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي حڪومت محرم دوران سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندڙ سموري ملڪ ۾ فوج مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، وفاق طرفان اسلام آباد، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به پاڪ فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرريءَ جي منظوري ڏني آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته فوج جي مقرريءَ جا تفصيل لاڳاپيل اختيارين سان طئي ڪيا ويندا، جڏهن ته فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرري اڻ اعلانيل مدي لاءِ ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب، فوج ۽ سول آرمڊ فورسز جي مقرري جو فيصلو محرم الحرام سيڪيورٽي سببن جي بنياد تي ڪيو ويو آهي، فوج ۽ سول آرمڊ فورسز کي هٽائڻ جو معاملو لڳاپيل اختيارين سان مشاورت کانپوءِ ڪيو ويندو، فوج جي مقرريءَ جا تفصيل زميني صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي طئي ڪيا ويندا.

Army  Pakistan Muharram security

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.