جيڪڏھن ھاڻوڪي حالتن ۾ اھو سڌو سوال ڪجي تھ ڪھڙو معاملو آھي،جيڪو ھن ملڪ ۾ سڌو ٿي رھيو آھي تھ افسوس سان چوڻو پوندو تھ سڀ معاملا ابتا ھلي رھيا آھن.آبادي جي لحاظ سان دنيا جي وڏن ملڪن ۾ شامل ھئڻ توڙي ايٽمي طاقت ھئڻ باوجود ھن وقت پاڪستان سياسي،معاشي،جڊيشري توڻي زندگيءَ کي ھلائڻ جي لاءِ لازمي قرار ڏنل معاملن کي سڌو ڪرڻ بدران ھر گذرندڙ ڏينھن سان گڏ ان ۾ وڌيڪ ڦاسندو پيو وڃي.
تازي ٿيل چونڊن بعد جڙيل حڪومت جنھن کي پي ڊي ايم ٽو سڏيو پيو وڃي، ان حڪومت جي قائم ٿيڻ بعد ڪڏھن بھ گرفت مضبوط نھ ھئي پر ھاڻوڪي بجيٽ بعد عوام جي مٿان ڦاڙيل ٽيڪس جي بمن سان ھڪ ماڻھو معاشي طور وڏي دٻاءَ ۾ اچي ويا آھن.ملڪ ۾ معاشي صورتحال اڳي ئي بھتر نھ ھئي رھندو عالمي مالياتي اداري جي سفارش واري بجيٽ اچڻ بعد ھن وقت عام ماڻھو کي کڻي نھ سگھڻ جھڙو مالي بار کڻڻو پئجي رھيو آھي.گڏ وچڙ انگن اکرن جي جوڙيل جادوگري واري بجيٽ سان ماڻھن جي کيسن مان ڪمائي جو وڏو حصو ڪڍيو پيو وڃي.جنھن ڪري ملڪ ۾ سياسي،سماجي ۽ معاشي مسئلا اڳي کان وڌيڪ مونجھاري جو شڪار ٿين پيا.
ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب واپاري برادري تي زور ڀريو ته هو فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي آفيسرن کي لڪ ڇپ ۾رقم (رشوت) ڏيڻ بند ڪن ۽ پنهنجو ٽيڪس ادا ڪن جيئن ملڪ جي معاشي چئلينجن تي قابو پائي سگهجي.
ھوءَ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آءِ) طرفان منعقد پوسٽ بجيٽ جي ھڪ پروگرام ۾ ڳالھائي رھيو ھو.ھن ”انڪشاف“ ڪيو تھ مڪمل ٽيڪس ادا ڪرڻ کان بچڻ لاءِ واپاري ٽيڪس اوڳاڙي ڪندڙن کي 5 کان 6 سيڪڙو رقم لڪ ڇپ ۾ ڏيڻ جي آڇ ڪري رھيا آھن..هن وزارتن کي بند يا ضم ڪرڻ بابت چيو تھ انھن جون ذميواريون صوبن کي سونپيون ويون آھن.ناڻي واري وزير ايندڙ ٽن سالن ۾ ٽيڪس ٽو-جي ڊي پي جي تناسب کي 13 سيڪڙو تائين وڌائڻ لاءِ اسٽيڪ هولڊرز کان اجتماعي حمايت تي زور ڏنو.
وفاقي وزير جوچوڻ ھ تھ پاڪستان جي لاءِ آءِ ايم ايف جي مستقبل جي پروگرامن کان بچڻ جي لاءِ سڀني کي ملڪي مفادن کي ترجيح ڏيڻ گهرجي.ھن واپاري برادري تي زور ڏنو جيڪڏهن هو چاهين ٿا ته پاڪستان مستقبل ۾ آءِ ايم ايف تي ڀاڙڻ ڇڏي ڏئي تھ پوءِ پاڪستان پاران ورتل ڪوششن جو ساٿ ڏين.
وزير موصوف جون ڳالھيون تھ سٺيون آھن،پر سموري گفتگو ۾ڪٿي بھ اھو ذڪر نھ آھي تھ ملڪ جي اشرافيا کي ملندڙ رعايت يا ڇوٽ مان ڪجهھ ڪٽوتي ڪري، ملڪ جي ھاڻوڪي معاشي بحران ۾ انھن کان بھ قرباني ورتي پئي وڃي.ھر دور ۾ عام ماڻھون توڙي واپارين کي ملڪ جي معاشي حالت جي نزاڪت جو راڳ ڳائي رڳو ٻين کان قرباني وٺن سان ماڻھو ھاڻي حڪومت جي پاليسين تي گھٽ ئي اعتبار ڪري رھيا آھن.
ملڪ ۾ ڊگھي مدي جي ڪنھن مستقل پاليسي نھ ھئڻ ڪري ان جا نتيجا سامھون نٿا اچن.ڪنھن بھ مستقل ۽ جٽادار ملڪي معاشي جي لاءِ ملڪ ۾ پھرين سياسي استحڪام جي گھرج آھي.ھاڻوڪي حڪومت جي ٻڏتر واري حالت جي ڪري پڻ معاشي پروگرام ڏانھن ماڻھن جو ڌيان نھ پيو وڃي.زباني ڪلامي حامي ڀرڻ باوجود جڏھن عوام مٿان نھ سھڻ جوڳوبار پوندو تھ ماڻھو حڪومت ۽ ان جي پاليسين کان ذھني طور تي باغي ٿي پوندو آھي.
ھن وقت جي مالي صورتحال کي ڏسبو تھ وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏيندي حڪومت آءِ ايم ايف کان ساڍا 7 ارب ڊالرن جو ايندڙ پروگرام حاصل ڪرڻ جو رستو صاف ڪري ڇڏيو آهي، سرڪاري اتحادين سان لاڳاپن بابت خدشا ختم ڪيا آهن پر اھا پڻ حقيقت آھي جنھن جي تصديق ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ڪئي آهي ته لاڳو ڪيل نون ٽيڪسن ۽ ٻين قدمن سبب عام ماڻهو کان وٺي ايڪسپورٽر تائين سڀئي مالي دٻاءُ کي منهن ڏئي رھيا آھن.
بجيٽ ۾ لڳايل ڳرن ٽيڪسن کي حڪومت جي مجبوري قرار ڏنو پيو وڃي، پيپلز پارٽي ۽ حڪومت جي ٻين اتحادي پارٽين به ان تي کليل نموني پنهنجا تحفظات جو اظهار ڪيو آهي. ان حوالي سان پگهاردار طبقو اڳ ئي ناخوش آهي. اها حقيقت ظاهر ڪري ٿي ته هن بجيٽ اڳ ۾ ئي دٻاءُ جو شڪار ملڪ جي معيشت کي وڌيڪ ڌڪ رسايو آهي.ان سان ڪجهه سالن ۾ مهانگائي ۾ گهٽتائي سبب بنيادي سطح تي حڪومت جي مثبت تاثر کي به نقصان رسيو آهي. ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٽيڪس ڏيندڙن تي ٽيڪس جو بار وڌائڻ جي باوجود بجيٽ ۾ ڪافي معاشي سڌارا ۽ هدايتون ناهن. بجيٽ سياسي طاقت، منظم لابنگ يا حڪومت تي اثر انداز ٿيڻ جي صلاحيت کان سواءِ ماڻھن کي منفي معاشي اثرن جو مناسب تجزيو نه ڪيو ويو آھي.
نان فائلرز تي ود هولڊنگ ٽيڪس جي شرح وڌائڻ، موبائيل سمز کي بلاڪ ڪرڻ يا انهن جي پرڏيهي سفرن تي پابندي لڳائڻ جا جزوي قدم ظاهر ڪن ٿا ته حڪومت ٽيڪس نه ڏيندڙ طبقي جي سڌي احتساب کان پاسو ڪري رهي آهي. عرصي کان ٽيڪس سسٽم ۾ موجود خامين سان ٽيڪس چور پنهنجي آمدني تي ٽيڪس ادا ڪرڻ کان بچندا رهيا آھن ان سلسلي کي ھن حڪومت وٽ بھ روڪڻ جو ڪو ٺوس پرگرام نظر نھ پيو اچي.
ايڪسپورٽرز جي احتجاج باوجود حڪومت انهن کي فائنل ٽيڪس رجيم مان ڪڍي گهٽ ۾ گهٽ ٽيڪس ريجيم ۾ شامل ڪري ايف بي آر آفيسرن جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي. جنھن پڻ ڪرپشن جو رستو کلندو ۽ راهه هموار ٿيندي، پگھاردار طبقي تي ٽيڪس جي شرح وڌائي ۽ پرڏيهي سفرن تي سخت ٽيڪس لاڳو ڪري ڪاروباري برادري ۽ پروفيشنلز لاءِ وڌيڪ مشڪلات پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.بھتر ھجي ھا تھ جيڪي ادارا يا فرد مناسب شرح تي ٽيڪس ادا ڪن پيا، تن کي رليف ڏنو وڃي
ملڪ ۾ جاري سياسي عدم استحڪام سبب اسان جي معيشت اڳ ۾ ئي کُوکلي ٿي چڪي آهي. ڪاروباري شعبو مالي مشڪلات ۾ ورتل آهي، عام شهري جي خريداري جي قوت مسلسل گهٽجي رهي آهي، انڪري معاشي سرگرميون سست ٿي رھيون آهن.جنھن جو سموري سماج تي منفي اثر ظاھر ٿيندو.