پروڪسي وارز به هڪ سائنس آهي

تحرير: رياض ابڙو 

منافقيءَ ۽ ڊپلوميٽ لهجي مان اها پروڙ پوڻ مشڪل هوندي آهي ته اڳيون ڪوڙ ٿو هڻي يا سچ ٿو ڳالهائي. ساڳي ڳالھه  طالبان ۽ اوچتو سي آءِ اي جي روين جي برف ڳرڻ مان سمجهي سگهجي ٿي. پر ٺاهڻ وارن هڪ اهڙي زبردست طالباني فلم ٺاهي آهي، جنهن جو مثال تاريخ ۾ ملڻ مشڪل آهي. مثال اساما بن لادن 1996 ۾ هڪ چارٽرڊ جهاز ذريعي سوڊان مان افغانستان آيو، پاڻ سان ايتري ته دولت آندائين جو جنهن جو انت ناهي، جو سوڊان جهڙي پٺ تي پيل ملڪ ۾ هن جي بزنس ايڏي زبردست هلي جو هن اهي پئسا ٺاهي ورتا ۽ اها ميڙي چونڊي هن اچي افغانستان ۾ هنئي .طالباني فورس ٺاهي آمريڪا کي ذري گهٽ تباھ ڪرڻ وارو هيو، وري اهڙي خوفناڪ صورتحال ٺهي بيٺي جو هن جو (۽ آمريڪا) جو نائين اليون کانپوءِ سِرُ پيو وڃي. هن کي خوف ورايو جو هن آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ جنهن ۾ سي آءِ اي جي اجازت کانسواءِ پکي پر به ناهن هڻندا، اتي هن بلڊنگ، جهاز ۽ ماڻهو ماري وڌا. يا ائين هجي هان ته انهن جهازن جي بليڪ باڪس مان اساما بن لادن جو ڪو آواز ڪڍي ٻڌرائين يا تصوير ڏيکارن هان ۽ دنيا جو ويساھ کٽن هان ۽ ماڻهو سمجهن هان ته ان جهاز ۾ ويٺل ملان مولوي واقعي جهاز کي يرغمال ڪيون ٿا وڃن، انهن جي ٽرمينل کي خبر نه پئي، اندر ويٺل ماڻهو سڀ چپ ۽ وائڙا لڳا پيا هئا، حلانڪي جڏهن به جهاز جي اغوا جا واقعا ٿين ٿا تڏهن هڪ ڪانورسيشن هلندي رهندي آهي، اهي جهاز جا اغواڪار اتي ئي ڳالھه ٻولهھ ڪري سڀ مڃرائيندا آهن پر آمريڪي ”ٽون ٽاور“ سان ٽڪرائيندڙ جهاز به ڄڻ سوڊان، صوماليا ۽ فلپائين جهڙن غريب ملڪن جا هيا جن جي پائليٽن کي هنن طالبان نمان ڪارٽون جن جا هنن اسڪيچ تيار ڪري ماڻهن کي 18 صديءَ جا منظر ياد ڏيارا هئا، جن ۾ ماڻهن بس اهو ياد ڪيو ته اساما بن لادن شڪل ۾ ڪهڙو هيو، جڏهن جهاز تباھ ٿي ويو، ڪجھه  به نه بچو، پوءِ سي آءِ اي کي اهي اسڪيچ ڪنهن ٺهرايا؟ پاسپورٽ، ٽڪيٽون، آمريڪا ۾ انٽري وغيره وغيره، پائليٽ وٽ يا جهاز ۾ لڳل ڪا به اهڙي ڪيمرا نه هئي جنهن ۾ اهو واضح ڏسڻ ۾ اچي هان ته اهي واقعي ئي ملان هيا جن پاڪستان ۾ ايٽمي هٿيارن جي ٺهڻ کان وٺي اها تياري ڪئي هئي ته هيڏانهن هي ڌماڪا ڪن ته هوڏانهن وري آمريڪا ٽون ٽاور تباھ ڪري ڏيکاريندي. جنهن ۾ جيڪڏهن ٽي هزار ماڻهو مارائيندا ته هي دنيا جا ٽيھ لک مسلمان مارائيندا. جي اهو سچ آهي ته پوءِ 20 سال آمريڪا به افغانستان ۾ اهو سوچيندي گذاريا ته آخر ڇا ڪجي؟ جو مسلمانن جي هٿن مان اهو ايٽمي هٿيار کسي وٺجي يا انهن کي دنيا ۾ اهڙو خوار خراب ڪجي جو هنن جو اهڙي ايٽمي هٿيارن جي هوند کان روح ئي کڄي وڃي ۽ پاڻ چون ته ”اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني“.

اها ڳالھه  مڃڻ گهرجي ته آمريڪا کي جڏهن خبر پئي ته روس وٽ به اهڙا هٿيار آهن ۽ اهي دنيا جي سپرپاور ٿيڻ ۾ دير نه ڪندا، تڏهن آمريڪا جاپان ۾ بمن جا ڌوڙيا لائي ڏنا ۽ روس کي چپ ڪرائي ويا ۽ جاپان سان جيڪي آمريڪا وارا نه پئي پڄي سگهيا تن جاپان کي به آزي مڃرائي، پر 29 آگسٽ 1949 تي روس به ڌماڪا ڪري ڏيکاريا ۽ وري 16 آڪٽوبر 1964 تي چين به سپر پاور ٿي ويو، اها ڳالھه  گورا سپرميسي کي برداشت نه ٿي، انهن وري تڏهن کان روس جي خلاف پاڪستان کي استعمال ڪيو ۽ انهن هڻي روس کي ٽوڙي ڇڏيو. پر ساڳي گوارڪريسي واري ڳالھه  وري ته هي چين، روس، پاڪستان ۽ ايران کي ڪيئن برداشت ڪندا؟ هاڻي ته هنن آسٽريليا کي به دعوت ڏني آهي ته هو به ان ايٽمي هٿيارن جي راند ۾ حصو وٺن. هيڏانهن وري پاڪستان کي به زور ڀريو اٿن ته نيوزيلينڊ ۽ آسٽريليا جا دورا ڪري. وري ڳالھه  ان اساما بن لادن جي ڪجي جنهن کي هنن تورابورا ۾ ڦاسائي مارائي وڌو.

پر حيرت اها به آهي ته هن جو سوڊان ۾ ڪير به هم خيال، هم مذهب ۽ هم دهشتگرد نه هيو، جي هو سوڊان مان ان ارادي سان ڀڄي نڪتو هيو ته هن کي اچڻو ئي افغانستان ۾ آهي يا هن جو ٽاگيٽ آهي ئي پاڪستان ۽ ايبٽ آباد، معني اهو به زبردست ڊرامو هيو. وري ڳالھه  اها به آهي ته 87 هزار ماڻهو مارائي ضرب عضب، ردالفساد (۽ هاڻي عزم استحڪام) ڪرائي، طالبان جي بهاني انهن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪرائي، پاڪستاني چوٽيءَ جا ليڊر مارائي، انهن جي سڀني مذهبي تنظيمن کي دهشتگرد قرار ڏئي هاڻي وري افغانستان ۾ ئي انهن جي پيرينٽ ڪمپني معني طالبان جيڪي ڀلا پاڪستاني طالبان جا ڄڻيندڙ ٿيا وري اهي سڀ صحيح؟ معني اسان وٽ ايف اي ٽي ايف، مني لانڊرنگ، بليڪ مني، پروسڪرائيبڊ آرگينائيزيشن، بينڊ طالبان تنظمون سڀ ڪوڙ، پوءِ هاڻي ايف اي ٽي ايف جا قانون بدلبا، اهي سڀ اڳيون قسطون ڪوڙيون هيون، فرانس به ڪوڙ بدوڙ هڻي پاڪستان کي بدنام ڪيو، پوءِ سوڊان، سميت جيڪي به آفريڪي ملڪ، ۽ جيڪي به 57 کن اسلامي ملڪ (جن ۾ 22 عرب ملڪ به شامل آهن) سي هاڻي دهشتگرد ناهن، اهي بليڪ لسٽ نه ٿيندا، اهي هاڻي گري لسٽ جي ڊارمن کان بچندا؟ پوءِ هي دنيا کي ايڏي دوکي ۾ رکي پيا ٿا هلن. طالبان جي دهشگرد هيا ته هاڻي وري اهي صحيح ٿي ويا.

2022 ۾ جي اهي ريفرنڊم نما اليڪشن ڪرائن ته اسلام ۽ شريعت کپي يا نه، پوءِ اهڙي شريعت جي ٿاڦڻ ۾ ته سي آءِ اي هنن جي پٺيان بيٺي هئي. اهي معني هيل اهو ثواب کٽندا، يا دوشنبا ۾ اسان جي حڪمرانن هزارا، ازبڪ، تاجڪ ۽ قازق ڌڙن کي اهو آمريڪا جو پيغام ڏنو ته طالبان جي بعيت ڪيو (جن ڪئي ته ڪو نه ڇو جو انهن جي پٺيان ريڊ آرمي، روس، ترڪي ۽ مليشيا بيٺي هئي ۽ آهي) ڇو ته جيستائين مدمقابل نه ايندو تيستائين جنگ مزو ئي نه ڏيندي، ماضيءَ ۾ به اهڙي طريقي سان اساما به لادن کي سوڊان مان ڊرامائي انداز ۾ کڻي آيا جو سوڊاني نڪ چاڙهي ڏسندا رهجي ويا جو ويڪي پيڊيا به آرام سان ايڊٽ ڪري ڇڏين جو ماڻهو کڻي سرچ ڪري ته انهن کي سڀ ڪوڙ سچ لڳي ته آمريڪا ڪيڏو نه معصوم هيو جو سڀ ڪجھه  اساما بن لادن ڪري ويو. اساما بن لادن ڪمپني به ٺهي وئي، ان جا اڪائونٽ به ٺهي ويا، وري انهن اڪائونٽن کي منجمد به ڪري ڇڏين (معني اهي اهڙا اڪائونٽ هيا جيڪي اسان وارا غريب ۽ متوسط طبقي جا جوانڙا فارين يونيورسٽين ۾ جڏهن سيلف فائنانس تي داخلائون وٺندا آهن، تڏهن انهن يونيورسٽين کي انڌو ڪري ڪجھه  پئيسن جي عيوض بينڪ بيلسن ڄاڻائي اڪائونٽ ٺهرائي ويندا آهن ۽ اتي پڄڻ شرط وري اهي پئيسا انهن مالڪن کي انهن بئنيڪ مينيجرن جي هٿئون واپس به انهن جي اڪائونٽن ۾ ملي ويندا آهن، پوءِ پهرين سيميسٽر کانپوءِ اهي پنهنجي فيس ڪمائي لاهي به ويندا آهن معني ڪم جو ڪم ٺڳي جي ٺڳي) هنن به بن لادن ڪمپني اهڙي طريقي ٺاهي دنيا کي خاص مسلمان ملڪن کي فري لاٿو، ڳالھه  ۽ بهانو رڳو مسلمان ملڪن يا غير انگريز ملڪن کي قابو ڪرڻ جو هيو ته متان گوراڪريسي ختم نه ٿي وڃي، ان ڪري اهڙو مارموچڙو مغربي ملڪن تي ناهي توڻي جو اهي ايٽمي هٿيار رکيون به ويٺا آهن، هاڻي ته سختيون ايران ۽ ڪوريا جي لاءِ به آهن، وري پاڪستان ۽ چين کي وڪوڙڻ جي لاءِ سي آءِ اي ڪات ڪهاڙا تکا ڪيون ويٺو آهي.

پر اها آلجبرا هاڻي دنيا کي سمجهھ ۾ اچي وئي آهي ته جنگ رڳو آمريڪا جي ناموس ۽ سپرپاوريءَ جا آهي، جيڪا کٽڻي ناهي پر هلندي رهندي. هاڻي ته آمريڪا اماراتي عربن سان گڏ آسٽريليا (معني سڄي اوشنيا کنڊ) کي هوشيار ڪيو آهي ته اهي آمريڪا سان گڏ ايٽمي هٿيارن ۾ ساٿ ڏين يا سيڙپڪاري ڪن، يا آمريڪا جي هٿيارن جا خريدار ٿين. ان ڳالھه  ۾ آسٽريليا، نيوزي لينڊ ۽ ان سان گڏ اوشنيا جي ملڪن جي وڏي ڳالھه  آهي ته اهي ملڪ هٿيارن جي راند مان نه ڄاڻن، جو 15 مارچ 2019 تي نيوزيلنڊ ڄائي برينٽن ٽارانٽ نيوزيلينڊ جي مسجدن تي اڪيلي سر آٽوميٽڪ هٿيارن حملا ڪري ڏنا هيا، تڏهن سڄو اوشنيا کنڊ غم ۾ هيو ۽ جسيندا آرڊن (نيوزيلينڊ جي وزيراعظم) فورن هٿيارن ٿي پابندي مڙهي ڇڏي هئي.

وري پرڏيهي پالسين ۾ جھڙي چال آمريڪا پاڪستان سان ٿو هلي، اهڙي ڪنهن به ملڪ سان نه هلندو هوندو. اها ٻي ڳالھه  آهي ته ويجهر ۾ مغرب جو سورج لڳي ٿو اوڀر ۾ ئي لهي ويندو ۽ آمريڪي پاليسيون ان ڪري به پائيدار نه هونديون، جو چين جي انٽريسٽ سان کيڏڻ ۾ آمريڪا وٽ هن دفعي گھٽ ۾ گھٽ ٽيڪنيڪل ٽولز گھٽ آهن، معني لساني، مذهبي ست رنگي، گهرو ويڙھ، شدت پسندي يا اهڙي ڪا دهشتگردي جهڙي فضا چين ۾ ناهي پوءِ آمريڪا ڪجھه  به ڪري پر چين ۾ به اهڙي ڪا بي چيني نه ٿو ڪري سگهي يا جنهن ۾ پاڪستاني ايٽمي طاقت سوڙهي ٿي سگهي. ڇو ته 1980 واري ڏهاڪي يا ان کان به اڳ جو جڏهن 9 آگسٽ 1949 ۾ سوويت يونين جڏهن ايٽمي ڌماڪا ڪيا تڏهن کان آمريڪي اڳواڻن جي ننڊ ڦٽل هئي، وري اهو به آهي ته ان وقت سوويت يونين اڪيلو هيو، ان ٽائيم تي روس جي چڙهائي ۽ جارحيت جي ڪري چين، ڀارت، پاڪستان، مغربي قوتون سڀ هڪ مٺ هيون، جو اهي پاڻ پاڪستان ۽ طالبان جي مدد لاءِ لهي پيون هيون، ان ڪري هاڻي هي سرڪار ڪيتري به سوڙهي ٿئي پر آمريڪا جي دال نه ڳرندي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.