اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) حڪومت 2 هزار کان مٿي پينو فقيرن جا پاسپورٽ بلاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. پرڏيهه وڃي پنندڙ پاڪستاني شهرين جا پاسپورٽ 7 سالن لاءِ بلاڪ ڪيا ويندا.
ذريعن موجب پرڏيهه وڃي پنندڙ ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجن ٿا، کين پرڏيهه موڪليندڙ ايجنٽن جا پاسپورٽ به بلاڪ ڪيا ويندا.
گهڻو ڪري شهري سعودي عرب، ايران ۽ عراق ويندا آهن. اهڙن ماڻهن جي ڄاڻ گڏ ڪئي وئي آهي، گهرو وزارت ۽ پرڏيهي وزارت طرفان پاليسي جي تياري آخري مرحلي ۾ آهي.
You might also like