هراري ( ويب ڊيسڪ ) زمابوي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ورلڊ چيمپيئن ڀارت کي 13 رنسن تان شڪست ڏئي پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 1-0 سرسي حاصل ڪري ورتي.
هراري اسپورٽس ڪلب ۾ کيڏيل ميچ ميچ ۾ ڀارتي ڪپتان شُڀمَن گِل ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو جيڪو غلط ثابت ٿيو.
زمبابوي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 115 رنسون ٺاهيون.
ڪلائيو مئڊانڊي 29 ڊوئن مئرس 23 رنسن جي اننگز کيڏي جڏهن ته ڪپتان سڪندر رضا 17، برائن بينيٽ 22 ٺاهي آئوٽ ٿيا.
ڀارت جي روي بشنوئي 4، واشنگٽن سُندر 2، اويس خان ۽ مڪيش ڪمار هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. زمبابوي جي 116 رنسن جي جواب ۾ سموري ڀارتي ٽيم 20 هين اوور ۾ 102 رنسن ڍير ٿي وئي.
ڪپتان شُڀمَن گِل 31 ۽ واشنگٽن سُندر 27 رنسون ٺاهيون، ڀارتي ٽيم جا اٺ بيٽرز ڊبل فگرز ۾ نه پهچي سگهيا.
زمبابوي طرفان ٽينڊائي چتارا ۽ سڪندر رضا 3،3 وڪيٽون ورتيون.سڪندر رضا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو