ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ جو سلسلو جاري، اڄ سون وڌيڪ هزارين رپيا مهانگو ٿي ويو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوشيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون ٻه هزار رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 46 هزار 4 سئو رُپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1740 رپيا واڌ بعد 2 لک 11 هزار 247 رپيا آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 24 ڊالرز چاڙهه کانپوءِ 2368 ڊالرز ٿي وئي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ سون جي عالمي قيمت 20 ڊالر واڌ سان 2388 ڊالر في اونس آهي.
You might also like