ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي مشهور هدايتڪار سيد نور مردن کي هڪ ئي شادي ڪرڻ جي صلاح ڏني آهي.
هدايتڪار سيد نور ويجهڙ ۾ هڪ نجي ٽي وي شو ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هڪ مداح کائنس ٻن شادين جي تجربي بابت سوال ڪيو .
مداح جي سوال جي جواب ۾ سيد نور مردن کي مشورو ڏنو ته شادي هڪ ئي سٺي هوندي آهي ٻي شادي سٺي ناهي هوندي، ڇو ته اهڙي صورتحال ۾ اوهان کي کوڙ سارن امتحانن جو منهن ڏسڻو پوندو آهي، جيڪڏهن اوهان ان امتحان ۾ ناڪام ٿي ويا ته زندگيءَ جي امتحان ۾ به ناڪام ٿي ويندا آهيو.
واضح رهي ته هدايتڪار سيد نور پهرين شادي رخسانه نور سان ڪئي هئي جنهن مان کيس هڪ پٽ جو اولاد پڻ ٿيو، سندس پهرين گهرواري فوت ٿي چڪي آهي.
سيد نور صائمه سان ٻي شادي 1998 ۾ رليز ٿيندڙ فلم ” چوڙيان “ کانپوءِ ڪئي جنهن جو اعتراف هن 2007 ۾ اٽڪل ڏهن سالن کانپوءِ ڪيو.
You might also like