”ملڪ جي بدنصيبي آهي جو سياسي پارٽيون اسٽيبلشمينٽ ٺاهيون“ شاهد خاقان جي عوام پاڪستان پارٽي لانچ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي عوام پاڪستان پارٽي (اي پي پي) جي تاسيسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته حڪمرانن کي ملڪ جي ڪا پرواهه ناهي، ملڪ ۾ نه سياسي استحڪام آهي نه ئي معاشي، اسيمبلي ۾ ويٺل گهڻو ڪري ماڻهو اليڪشن هارايل آهن.
اسلام آباد ۾ ٿيل تقريب ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، اڳوڻي وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، گورنر خيبرپختونخوا سردار مهتاب عباسي، اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر ظفر مرزا، اڳوڻي صوبائي وزير پنجاب زعيم قادري ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جيڪي کير تي به ٽيڪس هڻڻ اهي اڳلي سال ڇا ڪندا؟ جي ڊي پي جو رڳو هڪ سيڪڙو صحت تي خرچ ڪري رهيا آهيون، ماڻهو اهڙا هجڻ گهرجن جيڪي اقتدار لاءِ ڪرسيون نه ڳولين.
هن چيو ته اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ صلاحيت گهربل هجڻ گهرجي جن جي شهرت ٺيڪ ناهي، اهي عوام پاڪستان پاڪستان پارٽي جو حصو نه بڻجندا.
سندس چوڻ هو ته سياست جي ناڪامي جو سڀ کان وڏو دليل اهو آهي ته اڄ عام ماڻهو به سمجهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کانسواءِ سياست نٿي ٿي سگهي، 24 ڪروڙ جو ملڪ ان ڪناري تي پهتو آهي ته عوام سمجهي ٿو ته سياسي پارٽي به اسٽيبلشمينٽ ئي ٺاهيندي، اها سوچ ان لاءِ ٺهي ڇو ته جيڪي پارٽيون ٺهيون اهي انهن ئي ٺاهيون، اها بدنصيبي آهي هن ملڪ جي.
سندس چوڻ هو ته هڪ وڏي عهدي تي ويٺل شخص 5، 6 ملڪن جا مثال ڏئي چيو ته اتي ڪا جمهوريت ناهي انهن ملڪن ڪيتري ترقي ڪري ورتي. مان چوان ٿو ته جيڪڏهن جمهوريت نه هجڻ سندن ترقي جو سبب آهي ته 70 سالن کان اسان به ملڪ ۾ جمهوريت اچڻ ناهي ڏني.
عوام پاڪستان جي سيڪريٽري مفتاح اسماعيل تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هي ملڪ ايسٽ انڊيا ڪمپني هلائي رهي آهي، مڊل ڪلاس طبقي کي ماريو پيو وڃي، پاڪستان جو نظام رڳو اشرافيا جي ڪم اچي ٿو. هڪ وقت هو جڏهن پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ سڀ کان امير ملڪ هو، هي شڪاري ۽ شڪار جو نظام آهي، اڄ اسان بنگلاديش، هندوستان ۽ نيپال کان پوئتي آهيون.
مهتاب عباسي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جي ترقي نه ڪرڻ جو سبب اهو طبقو آهي جنهن سڀني وسيلن تي قبضو ڪيو آهي. 19 جون تي ٿيل انٽرا پارٽي چونڊن جي نتيجي ۾ شاهد خاقان عباسي ڪنوينر ۽ مفتاح اسماعيل سيڪريٽري مقرر ٿيا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.