ڊالر انٽربئنڪ ۾ سستو، اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ انٽربئنڪ ۾ پاڪستاني رپئي جي ڀيٽ ۾ آمريڪي ڊالر جي اگهه ۾ معمولي لاٿ جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ 12 پئسا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب، انٽربئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو اگهه 278 رپيا ۽ 38 پئسا رهيو.
انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جو مُلهه 278 رپيا 50 پئسا هو.
انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر 12 پئسا سستو ٿيو جڏهن ته اوپن مارڪيٽ ۾ 12 پئسا مهانگو ٿيڻ بعد 280 رپيا 35 پئسن جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.