ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي ويئ آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون 11 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 44 هزار 4 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 944 رپيا واڌ بعد 2 لک 9 هزار 534 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت نوَ ڊالر اضافي سان 2344 ڊالرز آهي، پاڪستان ۾ في اونس سون جي قيمت ويهه ڊالر پريميم شامل ڪري 2364 ڊالرز آهي.
You might also like