”رجيم چينج ۾ فواد جو ڪردار شڪي ۽ هو جنرل باجوا سان ٻٽ بڻيل هو“ شير افضل جا نوان انڪشاف

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو آهي ته عمران خان هن کي ٻڌايو هو ته رجيم چينج آپريشن ۾ فواد چوڌريءَ جو ڪردار شڪي هو ۽ هو اڳوڻي آرمي چيف جنرل (ر) قمر جاويد باجوا سان ٻٽ بڻيل هو.
هڪ بيان ۾ شير افضل مروت چيو ته فواد چوڌري تي فرمائشي ڪيس ٺهيا ۽ هو وي آءِ پي جيلن ۾ رهيو جتي سندس سيٽنگ هئي، فواد ڄڃ پرائي احمق نچي وانگر اسان جي خلاف ڳالهائيندو رهيو، لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن کي نشانو بڻائڻ جو ٽاسڪ ٻاهرين ملڪ ڪجهه صحافين کي به مليو آهي.
هن چيو ته عمران خان مونکي ٻڌايو ته رجيم چينج آپريشن ۾ فوا جو ڪردار شڪي هو ۽ هو اڳوڻي آرمي چيف قمر جاويد سان مليل هو، فواد چئي رهيو آهي ته عمران خان جي چوڻ تي عليم يا ترين گروپ ۾ ويس هو ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي .
هن چيو ته فواد چوڌري باجوا صاحب جا پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪري رهيو هو ۽ پارٽي جي مفادن خلاف به ڪم ڪندو رهيو، پارٽي سندس ڪردار شڪ جي نظر سان ڏسي ٿي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته فواد چوڌري وٽ اسان تي تنقيد ڪرڻ جو ڪو به اخلاقي جواز ڪونهي، جڏهن پارٽي کي حوصلي جي ضرورت هئي ان جهڙا ماڻهو ڀڄي ويا.

PTI FawadChaudhry SherAfzalMarwat ImranKhan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.