آءِ ايم ايف شرطون، وفاقي ڪابينا بجليءَ جي بنيادي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وفاقي ڪابينا بجليءَ جي بنيادي اگهن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا سرڪيوليشن سمري ذريعي بجليءَ جي بنيادي اگهن ۾ منظوري ڏني.
نيپرا جي منظوري کانپوءِ حڪومت بجلي جي بنيادي اگهه ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي هڪ ٻي وڏي شرط تي عمل ڪندي وفاقي ڪابينا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب، نيپرا بجلي جي بنيادي اگهن ۾ 5 ڏهائي 72 رپيا واڌ جو فيصلو حڪومت کي اماڻيو هو، نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف ۾ اضافي جو فيصلو مالي سال 25-2024ع لاءِ ڏنو هو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نيپرا بجلي جي اگهه ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2024ع کان ڪرڻ جو فيصلو ڏنو هو، نيپرا بجلي جي بنيادي ٽيرف 29 ڏهائي 78 مان وڌائي 35 ڏهائي 50 رپيا في يونٽ منظور ڪيو هو.
ذريعن موجب، نيپرا جي منظوري بعد حڪومت بجلي جي بنيادي اگهن ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي شرطن تحت وفاقي حڪومت کي 10 جولاءِ تائين بنيادي ٽيرف ۾ اضافو ڪرڻو پوندو.
بجليءَ جي بنيادي ٽيرف ۾ واڌ جو واهپيدارن تي اٽڪل 6 سئو ارب رپين جو واڌو بار پوندو.

increase Nepra basetariff  federalcabinet IMF

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.