اسٽيل مل جو مارڪيٽ ۾ ڪو خريدار نه مليو

اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي کي سيڪريٽري صنعت ۽ پيداوار طرفان ٻڌايو ويو آهي ته  پاڪستان اسٽيل ملز جو مارڪيٽ ۾ ڪو به خريدار ناهي، حڪومت ان کي ڪٻاڙ ۾ وڪڻڻ ۽ زمين کي ٻين مقصدن لاءِ استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سينيٽ جي صنعت ۽ پيداوار بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر عون عباس جي صدارت هيٺ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان اسٽيل ملز جي موجوده صورتحال ۽ ان جي نجڪاري سميت مستقبل جي منصوبابندي ۽ ملازمن جي مستقبل بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. پاڪستان اسٽيل ملز جي چيف فنانشل آفيسر (سي ايف او) محمد عارف شيخ ڪميٽي کي ٻڌايو ته اداري جا منقول ۽ غير منقول اثاثا 860.99 ارب رپيا آهن، جن مان 2.12 بلين جا منقول اثاثا ۽ 858 ارب جا غير منقوله اثاثا آهن. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته اداري جي زمين جي ماليت 622 ارب آهي، جڏهن ته سيڙپڪاري لاءِ مخصوص ڪيل زمين جي ماليت 63 ارب آهي، فيڪٽرين جي عمارتن جي اثاثن جي ماليت 43 ارب، نان فيڪٽري عمارتن جي ماليت 2 ارب، روڊن جي ماليت 2 ارب آهي. 2.2 بلين ريلوي ٽريڪ ۽ پل آهن.

PakistanSteelMills  Privatization PakGovt
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.