اسلام آباد ( رضا رومي) سينيئر تجزئي نگار رضا رومي پنهنجي ويلاگ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته سئو سيڪڙو رٽائرڊ فوجي عمران خان جا حمايتي آهن، جڏهن ته نوي سيڪڙو حاضر سروس فوجي اهلڪارن جون همدرديون پڻ پي ٽي آءِ سان آهن پر اهي پنهنجي اعليٰ آفيسرن جي حڪم جا پابند رهندا ۽ ڪنهن به قسم جي ڪا بغاوت ڪري نه سگندا ڇاڪاڻ ته آرمي جو ڊسيپلين تمام مضبوط آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ رضا رومي وراڻيو ته عدليه جو هڪ گروپ پڻ عمران خان جو حمايتي بڻيل آهي، جيڪو چاهي ٿو ته عمران خان کي ڪيسن کان آجو ڪيو وڃي.اهوئي سبب آهي جو اسٽيبلشمينٽ جو عمران خان مخالف ڌڙو عدليه تي ڳجهن ادارن جي مداخلت جا الزام هڻي رهيو آهي جڏهن ته مداخلت ته گهڻي وقت کان هلندڙ آهي.
PTI ImranKhan PakArmy