ماڊل ۽ ميزبان مٿيرا اڪيلي ٻارن جي پرورش ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنگل مدر هجڻ تي مونکي غنڊي ۽ بدتميز ٻڌڻو پوندو آهي.
نجي ٽي وي پروگرام ۾ شرڪت دوران ڳالهائيندي اداڪارا جو چوڻ هو ته جيڪڏهن مڙس ۽ گهرواريءَ پاڻ ۾ ٺهن ته ان باوجود به سٺا والدين بڻجي سگهن ٿا.
هن وڌيڪ ڳالهائيندي ٻڌايو ته هڪ ماءَ کي پيءَ ۽ ماءَ جو ڪردار نڀائڻو پوندو آهي ان لاءِ پنهنجي اندر مردانگي آڻڻي پوندي آهي بعد ۾ ماڻهو چوندا آهن ته اها غنڊي ۽ بدتميز آهي.
مٿيرا جو چوڻ هو ته حقيقت اها آهي ته اسانکي مرد ٿيڻو پوندو آهي، جڏهن ڪا عورت مرد بڻجندي آهي ته هو مرد کان به وڌيڪ مضبوب ٿي ويندي آهي.
showbiz mathira pakistan