پٽ لاءِ دوا وٺڻ ويندڙ ماءُ کي ازدها کائي ويو

جڪارتا (ويب ڊيسڪ) انڊونيشيا ۾ هڪ هفتي ۾ ازدها ٻي عورت کي پنهنجي خوراڪ بڻائي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب انڊونيشيا جي هڪ ڳوٺ سائٽبا ۾ بيمار پٽ جي دوا خريدڻ لاءِ گهران نڪرندڙ عورت ٻن ڏينهن کانپوءِ به واپس نه موٽي.
پاڙيسرين ويجهي ٿاڻي ۾ گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳولا شروع ڪري ڇڏي، جنهن دوران گهر کان 500 ميٽر پري جا ڪپڙا ۽ جوتا هٿ آيا.
عورت جي مڙس کي ويجهي جهنگ ۾ هڪ ازدها نظر آيو، جنهن جو پيٽ ڦوڪيل هو، شڪ ٿيڻ تي ڳوٺاڻن پيٽ ڦاڙي ڏٺو ته ان مان عورت جو لاش برآمد ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته عورت جي سڃاڻپ 36 ورهين جي سرياتي جي نالي سان ٿي.

indonesia jakarta asia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.