رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي پرڏيهي وزير فيصل بن فرحان خبردار ڪيو آهي ته غزا ۾ عالمي قانونن جون ڀڃڪڙيون جاري رکڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
عرب ميڊيا موجب غزا ۾ جنگبدي لاءِ سلامتي ڪائونسل جي ٺهراءَ جي آجيان ڪندي سعودي پرڏيهي وزير چيو ته فلسطين مسئلي جو حل ٻن رياستن جو قيام آهي.
هن چيو ته وچ اوڀر ۾ امن هجڻ تمام ضروري آهي، سعودي عرب جي ٻه رياستي حل جي مطالبي تي جلد کان جلد عمل ڪيو وڃي.
You might also like