پاڪ بحريا جو زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ايف اين 6 ميزائل جو ڪامياب تجربو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا زمين کان فضا ۾ مار ڪندڙ ”گرائونڊ بيسڊ ايئر ڊفينس سسٽم“ جي ايف اين 6 ميزائلن جي فائرنگ جو مظاهرو ڪيو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب ميزائل هوائي هدفن کي ڪاميابي سان نشانو بڻايو.
ڪمانڊر ڪوسٽ وائس ايڊمرل راجا رب نواز تقريب جو خاص مهمان هو، ڪمانڊر ڪوسٽ گرائونڊ بيسڊ ايئر ڊفينس سسٽم جي آپريشنل تياري جي اطمينان جو اظهار ڪيو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته پاڪ بحريا دشمن جي ڪنهن به اڳرائيءَ جو جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.

paknavy ispr rawalpindi

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.