ڪئلشم اسان جي جسم ۽ صحت لاءِ گھڻو اهم غذائي جز آهي.
اسان جو جسم ان معدنيات کي هڏن ۽ ڏندن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ استعمال ڪندو آهي جڏهن ته دل ۽ ٻين پٺن جي فعلن لاءِ به ان جي ضرورت هوندي آهي.
پر ڪيترن ئي ماڻهن کي ڪئلشم جي کوٽ پيدا ٿي ويندي آهي.
جڏهن جسم ۾ ڪئلشم جي کوٽ ٿيندي آهي ته هڏن جي ڪمزوري سوڌو ٻين مرضن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
جسم ۾ ڪئلشم جي کوٽ ٿيڻ تي شروعات ۾ عام علامتون ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن، پر وقت سان گڏوگڏ اهو سنگين مسئلو بڻجي ويندو آهي.
ان صورت ۾ جيڪي علامتون نظر اينديون آهن اهي هيٺ بيان ڪجن ٿيون.
پٺن جا مسئلا
ڪئلشم جي کوت کي منهن ڏيندڙن کي پٺن ۾ تڪليف، سنڌن ۾ سور جهڙا مسئلا ٿيندا آهن.
اهڙيءَ طرح گھمڻ دوران رانن ۽ هٿن ۾ تڪليف ٿي سگھي ٿي جڏهن ته هٿن ۽ پيرن جي سن ٿيڻ سان گڏ سيون چڀڻ جهڙن احساسن کي به منهن ڏئي سگھجي ٿو.
حد کان وڌيڪ ٿَڪُ
جسم ۾ ڪئلشم جو مقدار گھٽ ٿيڻ تي گھڻو ٿَڪُ ٿيندو آهي جڏهن ته ائين لڳندو آهي ته ڄڻ جسماني توانائي ختم ٿي وئي آهي.
گھڻي ٿَڪَ سان گڏوگڏ سستي، بي خوابي ۽ مٿي کي چڪر جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.
نَنهن ۽ کَل جا مرض
ڪئلشم جي کوٽ ٿيڻ تي خشڪ کَل، ڪمزور يا ڀرندڙ ننهن، مٿي جي وچان وار ڃڻڻ، رُکن وارن جهڙا مسئلا ٿي سگھن ٿا.
پر ننهن تي اڇا نشان ٿيڻ ڪئلشم جي کوٽ جي علامت ناهي.
هڏن جي ڪمزوري
اسان جي هڏن کي ڪئلشم جي گھڻي ضروري هوندي آهي ته جيئن انهن جي مضبوطي برقرار رهي سگھي.
پر جڏهن جسم ۾ ڪئلشم جي سطح گھٽجي ويندي آهي ته هڏن جي ڪمزوري ۽ انجري جو خطرو وڌي ويندو آهي.
وقت گذرڻ سان گڏوگڏ هڏن جي مضبوطي گھٽجي ويندي آهي ۽ هڏن جي ڀرڻ جي مرض کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
اهڙيءَ طرح هڏن ۾ گھڻي تڪليف به محسوس ٿيندي آهي.
ڏندن جا مسئلا
جڏهن جسم کي ڪئلشم جي کوٽ کي منهن ڏيندو آهي ته اهو ڏندن مان ان کي حاصل ڪندو آهي جنهن سبب ڏندن جي مرضن جهڙوڪ ڏندن جي ڪمزوري، مهارن ۾ خارش، ڏندن جون پاڙون ڪمزور ٿيڻ ۽ ڏند ڀڄڻ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
ٻارن ۾ ڪئلشم جي کوٽ سان ڏندن جي واڌ ويجهه تي ناڪاري اثر پوندا آهن.
ڊپريشن
ڪجهه شاهدين موجب جسم ۾ ڪئلشم جي کوٽ سان ذهني مرضن جنهن ۾ ڊپريشن به شامل آهي جو خطرو وڌي ويندو آهي.
ان حوالي سان تحقيقي شاهديون ته گھڻيون موجود آهن پر ڪئلشم جي کوٽ سان گڏ ڊپريشن کي منهن ڏيڻ تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪرڻ گھرجي.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن جي ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، پڙهندڙ ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ضرور ڪن.