ڪنڊيارو (رپورٽر: محمد سومر گهانگهرو)ڪنڊيارو ۾ ڪيش کڻي ويندڙ گاڏي وڻ سان ٽڪرائجڻ سبب گارڊ فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
ڪنڊيارو قومي شاهراهه تاج پيٽرول پمپ وٽان ڪيش کڻي ويندڙ تيز رفتار گاڏي وڻ سان ٽڪرائجي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ سيڪيورٽي گارڊ انور علي فوت ٿي ويو، جڏهن ته نصير احمد، راجا ۽ غلام مصطفيٰ زخمي ٿي پيا.
زخمين کي ڪنڊيارو سرڪاري اسپتال مان طبي امداد بعد گمبٽ اسپتال موڪليو ويو، جڏهن ته فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.
kandiaro khairpur nosheroferoz