لاڙڪاڻو (رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳڙهي ياسين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.
ڳوٺ حاجي فتح محمد ۾ پراڻي تڪرار تان 18 ورهين جي زاهد حسين پٽ قلندر بخش شر کي فائرنگ ڪري زخمي ڪيو ويو، جنهن کي سندس وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي شهر جي ٽراما سينٽر آندو، جتي ڊاڪٽرن تصديق ڪئي ته نوجوان مارجي ويو آهي.
ٻڌايو پيو وڃي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ حاجي فتح محمد جي رهواسي نوجوان زاهد حسين شر کي پراڻي تڪرار تان هٿياربند گوليون هڻي فرار ٿي ويا.
larkana garhiyaseen shikarpur