زينب جميل فائرنگ ڪيس: جوابدار جي ضمانت رد

لاهور(ويب ڊيسڪ) سيشن ڪورٽ ماڊل زينب جميل تي فائرنگ ڪيس ۾ سندس مڙس محمد جميل جي ضمانت رد ڪري ڇڏي.
جوابدار خلاف ڊفينس بي پوليس ڪيس داخل ڪري رکيو هو، جنهن جي عدالت عبوري ضمانت رد ڪئي، ماڊل زينب جميل پنهنجي مڙس تي فائرنگ جو الزام لڳايو هو.
هلندڙ سال مئي ۾ لاهور جي علائقي ڊفينس ۾ ماڊل زينب جميل تي قاتلاڻو حملو ٿيو هو، ماڊل کي 6 گوليون لڳل هيون.
ياد رهي ته ماڊل زينب جميل 2020ع ۾ اداڪاري ۽ ماڊلنگ کي الوداع چئي ڇڏيو هو.
Pakistan ZainabJameel Court

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.