”ايم ڪيو ايم جي سياست اردو ڳالهائيندڙن کي جنازن کانسواءِ ڇا ڏنو آهي“

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي خالد مقبول صديقي کي ايم ڪيو ايم جو ”نقلي قائد“ قرار ڏئي ڇڏيو.
حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مولا بخش چانڊيي چيو ته خالد مقبول صديقي پنهنجي گفتگو ۾ ڀٽو صاحب ۽ بي بي صاحبه کي آندو، وڏي وقت کانپوءِ سنڌ ۾ پراڻا زخم ڀرجڻ جي فضا ٺهڻ لڳي آهي.
هن چيو ته خالد مقبول جي لهجي ۾ سختي آهي ته جڏهن به ڳالهائيندس باهه لڳائيندس، ايم ڪيو ايم جي سياست اردو ڳالهائيندڙن کي جنازن کانسواءِ ڇا ڏنو آهي؟
سندس چوڻ هو ته هر حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم وارا وزارتون وٺندا آهن، اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ شعور رکن ٿا، هو توهان کي ڄاڻين ٿا.

molabuxchandio ppp mqm

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.