ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي ۽ انڊيڪس 80 هزار جي نئين بلند ترين سطح تائين پهچي ويو آهي.
گذريل ڏينهن به ڪاروباري ڏينهن 100 انڊيڪس ۾ 728 پوائنٽس ۾ واڌ ٿي ۽ ڪاروبار جي اختتام تي انڊيڪس 79552 پوائنٽس تي بند ٿيو.
اڄ اربع ڏهاڙي به ڪاروبار جي شروعات کان ئي اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ زبردست تيزي ڏٺي وئي آهي، انڊيڪس 80 هزار جي بلند ترين سطح عبور ڪري چڪو آهي.
ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس ۾ 460 پوائنٽس جي واڌ ٿي، جنهن سان انڊيڪس 80 هزار 94 جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
ڪاروبار دوران هينئر تائين 100 انڊيڪس ۾ 550 پوائنٽس جي واڌ ٿي ۽ انڊيڪس 80 هزار 103 تي پهچي وئي.
واضح رهي ته نئين مالي سال جي شروعاتي ٻن ڏينهن ۾ 100 انڊيڪس هڪ هزار کان وڌيڪ پوائنٽس وڌيا.
karachi stockexchange business
You might also like