باربيڊوس ( ويب ڊيسڪ ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فاتح ڀارتي ٽيم ڪيئي ڪلاڪ باربيڊوس ۾ ڦاسي پئي جيڪا هاڻ خاص اُڏام ذريعي ڀارت لاءِ رواني ٿي چڪي آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) جي سيڪريٽري جئه شاهه ٽيم کي وطن واپس آڻڻ لاءِ خاص اُڏام باربيڊوس موڪلي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ٽيم جي خاص جهاز ۾ ڀارتي ميڊيا جي نمائندن کي به ملڪ واپس آندو پيو وڃي جڏهن ته ورلڊ ڪپ جي فاتح ڀارتي ٽيم جو جهاز سڀاڻي صبح نئين دهليءَ ۾ لينڊ ڪندو.
ياد رهي باربيڊوس ۾ سامونڊي طوفان ۽ ايئرپورٽ جي بندش سبب ڀارتي ٽيم ڪيئي ڪلاڪن تائين ڦاٿل رهي.
You might also like