اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي بيل آئوٽ پئڪيج لاءِ سمورا شرط پورا ڪري چڪو آهي.
ناڻي ۽ توانائي واري مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ پرڏيهي خابرو اداري سان ڳالهائيندي چيو ته هو پراميد آهن ته ٽن هفتن اندر آءِ ايم ايف بيل آئوٽ جو عمل مڪمل ٿي ويندو.
علي پرويز چيو ته سندس خيال ۾ بيل آئوٽ پئڪيج ڇهه ارب ڊالرز کان وڌيڪ هوندو، ان سلسلي ۾ بنيادي حيثيت آءِ ايم ايف جي منظوري جي آهي.
مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته هاڻ ڪو به وڏو مسئلو باقي ناهي بچيو، بجيٽ سميت سمورا وڏا قدم اڳواٽ کڻي چڪا آهيون، بنا ڪنهن شڪ جي بجيٽ سڌارا معيشت تي بار آهن پر آءِ ايم ايف پروگرام استحڪام بابت آهي.