ڊي اين اي مستقبل جي وڏي ايجاد آهي، فائدو کڻڻ گهرجي: ماهر

ڪراچي (پ ر) سر سيد يونيورسٽي آف انجنيئرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي جي بائيو ميديڪل انجنيئرنگ شعبي جي اهتمام هيٺ عالمي ڊي اين اي ڏهاڙو ملهايو ويو، جنهن ۾ فيڪلٽي آف سول انجنيئرنگ اينڊ آرڪيٽڪچر پروفيسر ڊاڪٽر مير شبر علي، سراج خلجي، اليڪٽريڪل انجنيئرنگ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ابرار الحق، ڪمپيوٽر سائنس اينڊ انفارميشن شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر وليج حيدر، سائيڪالاجي شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر سنبل مجيب سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي سر سيد يونيورسٽي جي قائم مقام وائس چانسلر ڊاڪٽر منور حسين چيو ته ڊي اين اي مستقبل جي هڪ وڏي ايجاد آهي، جنهن سان يونيورسٽين ۽ قوم کي فائدو کڻڻ گهرجي.
رجسٽرار ڪموڊور (ر) سيد سرفراز علي چيو ته ڊي اين اي بنيادي سطح تي زندگي بابت ڄاڻڻ ۽ سمجهڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو، جنهن سان جينيات، طب ۽ بائيو ٽيڪنالاجي ۾ ترقي جا در کلن ٿا، جيڪي اسان جي اڄ جي دنيا جوڙي رهيا آهن.
پاڪستان سائنٽيفڪ اينڊ ٽيڪنالاجي انفارميشن سينٽر (پاسٽڪ) جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر افشين طارق چيو ته پاسٽڪ پاڪستان جي سائنسدانن، محققن، انجنيئرن، صنعتڪارن ۽ شهرين تائين سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي ڄاڻ پهچائڻ جو هڪ اهم ادارو آهي.
زيبسٽ يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف لائف سائسنز جي ڊين پروفيسر ڪاشف علي چيو ته جينومڪس ڏکين مرضن جي علاج سان گڏ سڃاڻپ جي طريقن لاءِ نوان امڪان پيش ڪري رهيو آهي، جينومڪس محققن کي اهو دريافت ڪرڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي ته ڇو ڪجهه ماڻهو مخصوص انفيڪشن، ماحولياتي عملن ۽ طرز عمل سان بيمار ٿي پوندا آهن، ڊي اين اي ۾ 455 Exabytes تائين ڊيٽا محفوظ ڪرڻ جي صلاحيت هوندي آهي.
ڪراچي يونيورسٽي جي نفسيات شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر قدسيه طارق چيو ته هاڪاري رويي سان ڊي اين اي ۾ تبديلي آڻي سگهجي ٿي، ذهني دٻاءُ ڊي اين اي کي بري طرح متاثر ڪري رهيو آهي.
ڊاڪٽر سيف الله چيو ته ڊي اين اي جي بيهڪ ۽ فعل جي ڄاڻ بيمارين جي تحقيق ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو آهي، ان ڄاڻ ۽ دريافت مخصوص بيمارين خلاف ڪنهن به فرد جي جينياتي حساسيت، جينياتي بي ترتيبي جي سڃاڻپ ۽ نين دوائن جي فارمولي تائين پهچ کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي، انسانن جو ڊي اين اي تقريبن 99.9 سيڪڙو هڪ جهڙو هوندو آهي پر انسان مختلف نظر ايندا آهن.
ڪراچي يونيورسٽي جي ڊاڪٽر ظفر ايڇ زيدي سينٽر فار پروٽومڪس جي ايسوسيئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر مهتاب عالم چيو ته اسان پنهنجي صحت جي حوالي سان لاپرواهه آهيون ۽ فطرت خلا ف ڪم ڪري رهيا آهيون، جيڪو نقصانڪار آهي، اولهه ملڪن ۾ شاگردن کي اسڪول جي سطح تي ڊي اين اي ڪڍڻ جو طريقو سيکاريو ويندو آهي.
پروفيسر ايميريٽس درخشان جبين حليم چيو ته علم ورهائڻ سان توهان جي زندگي تبديل ٿي سگهي ٿي، جينياتي مواد جو مشاهدو، ڪنهن به جاندار جي خاصيتن کي سمجهڻ لاءِ ضروري ڄاڻ فراهم ڪري ٿو.
ضياءُ الدين يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر حرا زاهد چيو ته ڊي اين اي ٻن جڙيل تارن سان ٺهيل آهي، جيڪي هڪٻئي جي چوڌاري گهمندي هڪ ورهايل ڌاڳي جيان آهن، جنهن کي ڊبل هيليڪس چوندا آهن.
سر سيد يونيورسٽي جي بائيو ميديڪل انجنيئرنگ شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر سدره عابد سيد چيو ته ڊي اين اي جينيات جي شعبي ۾ دريافت جي جاري سفر جي سڃاڻپ آهي، هي ڏينهن انهن علمبردار سائنسدانن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ جو آهي، جن جي تجسس ۽ عزم جينياتي ڪوڊ جي رازن تان پردو کندو ۽ ايندڙ نسلن کي زندگي جي اسرار جي کوج جاري رکڻ جي ترغيب ڏني، هن موقعي تي مان پاسٽڪ جي ڊائريڪٽر جنرل ڊاڪٽر محمد اڪرم شيخ جي ٿورائتي آهيان، جنهن جي مدد سان هيءَ ڪامياب تقريب ٿي.
ان موقعي تي پوسٽر ۽ پراجيڪٽ مقابلن ۾ ٽاپ 3 پوزيشن حاصل ڪرڻ تي شاگردن کي ايوارڊ سان گڏ روڪ انعامن سان به نوازيو ويو، ججن جي پئنل ۾ ڊاڪٽر ايرج همايون مرزا، ڊاڪٽر شيبا ناز، ڊاڪٽر ثمر حسن ۽ ڊاڪٽر سيده ڪهڪشان ڪاظمي شامل هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.