آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي رينڪنگ، هاردڪ پانڊيا تاريخ رقم ڪري ڇڏي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آءِ سي سي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ختم ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي نئين رينڪنگ جاري ڇڏي آهي.
آءِ سي سي جي تازي رينڪنگ موجب، ڀارتي ڪرڪيٽر هاردڪ پانڊيا آل رائونڊرز ڪيٽيگري ۾ پهرئين پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو آهي.
هارد پانڊيا آءِ سي سي ٽي ٽوئٽي رينڪنگ ۾ نمبر ون آل رائونڊرز بڻجندڙ پهريون ڀارتي ڪرڪيٽر آهي.
آءِ سي سي رينڪنگ ۾ سريلنڪا جي آل رائوندڙ هسارنگا ٻئي ۽ آسٽريليا جي مارڪوس اسٽوئنس ٽئين نمبر تي آهي.
ياد رهي ته هاردڪ پانڊيا ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ ۾ 144 رنسون اسڪور ڪرڻ سان گڏوگڏ 11 وڪيٽون پڻ حاصل ڪيون هيون.
ان کانسواءِ هن ڏکڻ آفريڪا خلاف فائنل ۾ اهم موقعي تي هنرڪ ڪلاسن جي وڪيٽ ورتي ۽ آخري اوور ۾ شاندار بالنگ ڪندي ڀارت کي ورلڊ چيمپيئن بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو.
آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي بيٽنگ رينڪنگ ۾ آسٽريليا جي ٽرويس هيڊ پهرئين نمبر تي موجود آهي جڏهن ته بالنگ ۾ انگلينڊ جي راشد خان جي پهرين پوزيشن آهي.

T20Worldcup2024 Hardikpandya BCCI ICC

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.