اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي ( نيپرا ) طرفان گهريلو واهپيدارن تي لاڳو فڪسڊ چارج پهرئين جولاءِ کان وصول ڪيا ويندا جنهن جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.
فڪسڊ چارج 2 سئو يونٽ استعمال ڪندڙ کان نه ورتا ويندا، 301 هڪ کان 400 يونٽ استعمال ڪرڻ وارن سان 2 سئو رپيا ماهوار، 401 کان 500 يونٽ استعمال ڪندڙن کان 4 سئو رپيا ماهوار ورتا ويندا.
ان کانسواءِ 501 يونٽ کان 600 يونٽ استعمال ڪرڻ وارن کان 6 سئو رپيا ماهوار، 601 کان ست سئو يونٽ استعمال ڪرڻ وارن کان 8 سئو رپيا ماهوار اوڳاڙيا ويندا.
7 سئو کان وڌيڪ يونٽ استعمال ڪندڙ واهيپدارن کان فڪسڊ چارج جي مد ۾ هڪ هزار رپيا وصول ڪيا ويندا.
فڪسڊ چارج ۾ واڌ جو مقصد بجلي جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين جي ريونيو ۾ اضافو ڪرڻ آهي.
You might also like