اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو آهي ته موجودا تڪرار اليڪشن ڪميشن جي غلطين سبب آيو، سپريم ڪورٽ جي ڊيوٽي ناهي ته غلطي کي درست ڪري جڏهن ته عدالت انصاف جي گهرجن جو نه آئين ۽ قانون جو اطلاق ڪندي آهي.
سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 13 رڪني فل ڪورٽ سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت ڪيس جي ٻڌڻي جي سلسلي ۾ سني اتحاد ڪائونسل، اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن اٽارني جنرل دليل ڏنا.
ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا عدالت آئين جي سنگين ڀڃڪڙي جي منظوري ڏئي ڇڏي؟ ڇا ڪمري ۾ موجود هاٿي کي نظرانداز ڪري سگهجي ٿو؟ هڪ آئيني اداري غير آئيني تشريح ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ منظوري ڏئي؟
چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي انصاف تي ٻڌل آهن، هر فيصلي آئين کي فالو ڪيو، پاڪستان کي هڪ ڀيرو آئين جي رستي تي هلڻ ڏيو.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 9 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي
مخصوص سيٽن وارو ڪيس: موجودا تڪرار اليڪشن ڪميشن جي غلطين سبب ٿيو، غلطي درست ڪرڻ عدالت جو ڪم ناهي: سپريم ڪورٽ
You might also like