اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد جي مقامي عدالت جي جج افضل مجوڪا چيو آهي ته کيس هر صورت ۾ اٺ جولاءِ تائين عدت ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن وارو ڪيس ختم ڪرڻو آهي.
اسلام آباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ جي ايڊيشنل سيشن جج افضل مجوڪا پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي عدت نڪاح ڪيس ۾ سزا خلاف اپيلن تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ عمران خان جي وڪيل سلمان اڪرم راجا دليل ڏنا.
سلمان اڪرم راجا چيو ته سزا معطلي جي درخواست تي آرڊر ڏٺو، منهنجا ڪجهه پوائنٽ فيصلي ۾ لکيل ناهن، ان تي جج چيو ته اوهان وٽ اڄ ۽ سڀاڻي پورو ٽائيم آهي.
سلمان اڪرم راجا چيو ته بدنيتي ۽ فراڊ ۾ جيڪا شئي هڪجهڙي آهي سان ارادو هوندو آهي، جيڪڏهن ٺڳي ٿي هئي ته ان ئي وقت عدالت سان رابطو ڪجي ها، هڪ ڏينهن نڪاح ٿيو ٻئي ڏينهن خاور مانيڪا کي پتو پئجي ويو پرهو خاموش رهيو.
ٻڌڻي جي آخر ۾ جج افضل مجوڪا چيو ته عدالت کي هر صورت ۾ اٺ جولاءِ تائين هي ڪيس ختم ڪرڻو آهي.
جنهن کانپوءِ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
You might also like