هراري ( ويب ڊيسڪ ) زمبابوي ڪرڪيٽ ٽيم ۾ هڪ ٻئي پاڪستاني ڄائي ڪرڪيٽر کي شامل ڪيو ويو آهي.
بلجيئم ۾ جنم وٺندڙ ۽ آسٽريليا ۾ تعليم پرائيندڙ انتم جا والدين پاڪستاني آهن، انتم کي ڀارت خلاف سيريز لاءِ زمابوي جي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
انتم نقوي لاهور قلندرز جي پليئر ڊيولپمينٽ پروگرام جو به حصو رهي چڪو آهي، 2018 ۾ ٿيندڙ پي ڊي پي ٽورنامينٽ ۾ انتم پرديسي قلندرز جو حصو هو.
انتم نقوي زمبابي اسڪواڊ ۾ شامل ٿيندڙ ٻيو پاڪستاني ڄائو ڪرڪيٽر آهي، ان کان اڳ سڪندر رضا زمبابوي جي نمائندگي ڪري چڪو آهي.
واضح رهي ته ڀارتي ٽيم 6 کان 14 جولاءِ تائين زمبابوي سان پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز کيڏندي.
ٻئي پاسي سڪندر رضا ڀارت خلاف سيريز لاءِ ڪپتان مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته انتم نقوي جي سيريز کيڏڻ سندس شهريت جي تصديق سان مشروط آهي.