ملڪ ۾ هلندڙ هفتي کان چوماسي برساتن جي اڳڪٿي، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) موسميات کاتي ملڪ ۾ هلندڙ هفتي کان چوماسي جي برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هلندڙ هفتي ملڪ جي مٿانهن ۽ وچ وارن علائقن ۾ چوماسي جي برساتن جو امڪان آهي.
موسميات کاتي موجب، طوفاني برساتن سبب روز مرهه جو ڪاروهنوار متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته تيز برساتن سبب جابلو ندين ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۽ سيالڪوٽ، گوجرانوالا، نارووال ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو آهي.
موسميات کاتي موجب، ٻه کان ست جولاءِ ۾ ميرپور ڪشمير، اسلام آباد، سرگوڌا، بهاولپور، بهاولنگر، ڊي جي خان ۾ تيز هوا ۽ گجگوڙ کنوڻ سان گڏ برسات جو امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان چار کان ست جولاءِ سنڌ ۾ موسم انتهائي گهر رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٺي، عمر ڪوٽ، سکر، لاڙڪاڻي ۾ گجگوڙ ۽ کنوڻ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.