ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ کان 42 هزار ريٽيلرز تي ٽيڪس لاڳو ٿي ويو آهي، هاڻي دڪاندار پنهنجي ٽيڪس جو بار به عوام تي وجهندا.
اهڙي صورت ۾ شهرين کي خدشو آهي ته هاڻي هو وڌيڪ مهانگائي کي منهن ڏيندا.
حڪومت نان فائلر ريٽيلرز تي 2.5 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو آهي.
دڪاندار گهٽ ۾ گهٽ ساليانو 12 هزار ٽيڪس ڏيندا.
دڪاندارن ۽ ريٽيلرز جو چوڻ آهي ته اهو عمل ظالماڻو آهي.