ڇا هي دنيا جو سڀ کان ننڍو 5جي سمارٽ فون آهي؟

هڪ چيني ڪمپني هڪ نئون ڊيوائس متعارف ڪرايو آهي، جنهن کي دنيا جو سڀ کان ننڍو 5جي اسمارٽ فون قرار ڏنو ويو آهي.
جيلي ميڪس جي نالي انهي فون جي بابت اهو اعلان ڪمپني طرفان ايڪس تي ڪيو ويو، جڏهن ته ويبسائيٽ تي به ان جي جهلڪ ڏيکاري وئي.
Unihertz نالي ڪمپني اهڙي پاڪٽ سائيز اسمارٽ فونز لاءِ سڃاتي ويندي آهي، پر انهي جيلي ميڪس ۾ نيڪسٽ جنريشن ڪنڪٽويٽي کي وڌيڪ ننڍي سائيز جي ڊيوائس ۾ قيد ڪيو ويو آهي.
انهي فون بابت تفصيل ته ناهن ٻڌايا ويا پر انجي تصوير سان ڪجهه اشارا ملن ٿا، جيئن اهو فون بورڊ تي رکيل آهي، جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته اهو ممڪن طور تي 4 کان 5 انچ وڏو آهي.

5GDevices Technology Live

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.