موبائل انٽرنيٽ ۽ موبائل ڪارڊ تي ڪيترو ٽيڪس لڳندو؟ تفصيل سامهون اچي ويا

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نئين بجيٽ اڄ کان لاڳو ٿيڻ کانپوءِ موبائل انٽرنيٽ ۽ موبائل ڪارڊ تي ڪيترو ٽيڪس لڳندو؟ ان حوالي سان واهپيدارن لاءِ اهم خبر اچي وئي.
ايف بي آر نان فائلرز جون سمون بند ڪرڻ لاءِ انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر جاري ڪري ڇڏيو، انڪم ٽيڪس جنرل آرڊر ۾ شامل ماڻهن جي موبائل انٽرنيٽ ۽ موبائل ڪارڊ تي 75 سيڪڙو ٽيڪس لڳندو.
بجيٽ ۾ نان فائلرز جون سمون بلاڪ نه ڪندڙ ٽيلي ڪام ڪمپنين کي 5 کان 10 ڪروڙ رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.
ان کانسواءِ نئين مالي سال جي بجيٽ ۾ پگهادار ۽ ڪاروباري طبقي جي آمدني تي 10 سيڪڙو واڌو سرچارج لڳايو ويو آهي.

budget2024 tax pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.