يورپي ڪميشن پاران ميٽا تي ڊجيٽل مارڪيٽس ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جو الزام

يورپي يونين اعلان ڪيو آهي ته فيسبڪ ۽ انسٽاگرام جي سرپرست ڪمپني ميٽا مارڪيٽس ايڪٽ (ڊي ايم اي) جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
يورپي ڪميشن طرفان مارچ 2024ع ۾ ڊجيٽل مارڪيٽس ايڪٽ لاڳو ٿيڻ بعد ايپل، ميٽا ۽ گوگل جي سرپرست ڪمپني الفابيٽ جي خلاف تحقيق جاري آهي.
جون 2024ع ۾ ڪميشن جي شروعاتي جاچ ۾ چيو ويو آهي ته ايپل طرفان ڊي ايم اي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي آهي.
هاڻي ميٽا جي حوالي سان شروعاتي رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ سوشل ميڊيا ڪمپني جي conset or pay ماڊل جي حوالي سان خدشن تي ڌيان ڏنو ويو.
ميٽا طرفان يورپ ۾ ڊيٽا شيئر ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ تي واهپيدارن کي ايپس تائين مفت پهچ ڏني ويندي آهي، جيڪڏهن ڪو ڊيٽا شيئر ناهي ڪندو ته انهي کي مهيني جي فيس ادا ڪرڻي پوندي آهي.
ٻئي پاسي ميٽا يورپي ڪميشن جي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
Meta Facebook Instagram

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.