ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي جو اعليٰ تعليمي ۽ تحقيقي نظام (GRMC) جو 59 هون اجلاس وي سي پروفيسر ڊاڪٽر ضابطا خان شنواري جي صدارت هيٺ ٿيو.
اجلاس ۾ سائنس اينڊ ٽيڪنالوجي جي پروفيسر ڊاڪٽر محمد زاهد، پروفيسر ڊاڪٽر مسعود مشکور صديقي ڊين آف بزنس ايڊمنسٽريشن، ڪامرس اينڊ اڪنامڪس، ڊاڪٽر ياسمين سلطانه اردو، ڊاڪٽر مريم سلطانه ڊپارٽمينٽ آف ميٿميٽيڪل سائنسز، ڊاڪٽر راحت الله ڊپارٽمينٽ آف اليڪٽريڪل انجنيئرنگ، ڊاڪٽر حافظ محمد ثاني اسلامي علوم، ڊاڪٽر شاهد اقبال انچارج فائن آرٽس، ڊاڪٽر ڪمال حيدر، ڊاڪٽر ثمرا ضمير رجسٽرار (وقتي) سيڪريٽري طور ۽ اسسٽنٽ رجسٽرار رشيده خاتون موجود هئي.
اجلاس ۾ امير الله خان پٽ محمد صادق خان اسلاميات، محمد عمران ناصر ولد محمد سليم ناصر ماحولياتي سائنس، طاهره جبين صالح بنت صالح محمد خان اقتصاديات (اسلام آباد) کي پي ايڇ ڊي جون ڊگريون ڏنيون ويون، جڏهن ته سبين عزيز الله بنت عزيز الله رياضي، سمن بنت هير آنند دندو چنداڻي ڪيميا، نورين نور بنت رائو نور احمد، ماهپارا حبيب بنت سيد محمد حبيب تعليم، محمد يوسف ولد خواجه محمد متين انٽرنيشنل رليشنز، سيد عماد الدين ولد سيد وسيم الدين بين الاقوامي تعلقات، محمد فاروق سميع ولد محمد سميع الدين پبلڪ ڪميونيڪيشن، حاجي شير محمد ولد غلام حيدر نظاماڻي سنڌي، غلام بشير ٻگهيو ولد شاهه محمد ٻگهيو سنڌي، نگهت پروين بنت محرم علي عباسي، انعام الرحمان ولد نعيم الله اسلاميات (اسلام آباد)، عائشه بنت محمد حبيب، انعام الحق ولد عبدالحق، صديق الرحمان ولد عصمت الله عربيءَ کي ايم فل جڏهن ته سائره احمد بنت مشتاق احمد اعواڻ مئنيجمينٽ اينڊ بزنس (اسلام آباد ڪيمپس) کي ايم ايس جي ڊگري ڏني وئي.