لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ( اي سي سي ) وومينز ٽي ٽوئنٽي ايشيا ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو.
وومين ايشيا ڪپ ايندڙ مهيني سريلنڪا ۾ ٿيندو، 19 جولاءِ کان 28 جولاءِ تائين جاري رهندڙ ايونٽ لاءِ ندا ڊار کي پاڪستان وومين ٽيم جو ڪپتان برقرار رکيو ويو آهي جڏهن ته ارم جاويد، عميما سهيل سيده عروب شاهه جي ٽيم ۾ واپسي ٿي آهي.
تسميا رباب پهريون ڀيرو پاڪستان ٽيم ۾ شامل ٿي آهي جڏهن ته انگلينڊ ۾ پاڪستاني ٽيم ۾ شامل عائشا ظفر، نتاليا پرويز، رامين شميم، صدف شمس، ام هاني ۽ وحيده اختر ٽيم ۾ جڳهه نه ٺاهي سگهيون.
عاليا رياض، ڊيانا بيگ، فاطمه ثنا، گل فيروزا، ارم جاويد، منيبا علي، نجيهه علوي، نشرا سنڌو، عميما سهيل، سعديه اقبال، سدرا امين، سيده عروب شاهه ۽ طوبيٰ حسن کي قومي اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو ويو آهي.
ارب جاويد پنهنجي آخري ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل آڪوٽبر 2023 ۾ کيڏي هئي جڏهن ته عميما ڊسمبر 2023 ۾ نيوزيلينڊ خلاف آخري ٽي ٽوئنٽي کيڏي هئي ۽ عروب گذريل سال سپٽيمبر ۾ آخري ڀيرو ايڪشن ۾ هئي.
ميگا ايونٽ لاءِ پاڪستان وومين ٽيم جي تربيتي ڪئمپ 5 جولاءِ کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندي ۽ 16 جولاءِ تي ٽيم جي روانگي تائين جاري رهندي.
ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جو مقابلو 19 جولاءِ تي ٽورنامينٽ جي افتتاحي ڏينهن ڀارت سان ٿيندو جڏهن ته نئپال سان 21 ۽ گڏيل عرب رياستن خلاف 23 جولاءِ تي ميچون شيڊيول آهن،
Next Post
You might also like