فرانس، سوئٽزرلينڊ ۽ اٽلي ۾ طوفاني برساتون، لينڊ سلائيڊنگ، 7 ڄڻا فوت

فرانس، سوئٽزرلينڊ ۽ اٽلي ۾ طوفاني برساتن دوران مختلف حادثن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 7 ڄڻا فوت ٿي ويا.
فرانس ۾ تيز هوائن سبب ڪار تي وڻ ڪرڻ جي واقعي ۾ 3 ڄڻا فوت ٿي ويا.
سوئٽزرلينڊ ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت، جڏهن ته ٻه ڄڻا گم ٿي ويا.
ٽنهي يورپي ملڪن ۾ طوفاني برساتن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب سوين ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي.
خراب موسم سبب امدادي ڪمن ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، بجلي جو نظام به متاثر ٿيو آهي.

italy france switzerland

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.