” توکان سواءِ هي ممڪن نه هو“ ڪوهلي ورلڊ ڪپ ۾ فتح جو سبب انوشڪا کي قرار ڏئي ڇڏيو

باربيڊوس ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو ٽائٽل کٽڻ جو ڪريڊٽ پنهنجي گهرواري انوشڪا شرما کي ڏئي ڇڏيو.
ڀارت ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ ڏکڻ آفريڪا کي ست رنسن تان هارائي 17 ورهين بعد ٻيو ڀيرو ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو.
ڀارتي ٽيم پهريون ڀيرو 2007 ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرئين ايڊيشن ۾ پاڪستان کي فائنل ۾ شڪست ڏني ڪاميابي ماڻي هئي.
ورلڊ ڪپ ۾ فتح کانپوءِ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيندڙ ڪوهلي شاندار فتح جو ڪريڊٽ پنهنجي گهرواري انوشڪا شرما کي ڏيندي انسٽاگرام تي ساڻس گڏ ٽيم جي فتح جو جشن ملهائيندي هڪ تصوير پڻ شيئر ڪئي.
ويرات پنهنجي گهرواري لاءِ خاص پيغام ۾ چيو ته ” هي اوهان کانسواءِ ممڪن نه هو، اوهان مون کي سٺو انسان بڻائڻ ۾ مدد ڪئي، مون وٽ اوهان جا ٿورا مڃڻ لاءِ لفظ نه آهن، هي فتح اوهان جي به ايتري ئي جيتري منهنجي“ .

viratkohli T20Worldcup2024 final INDvsSA AnushkaSharma

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.