اسلام آباد(م ڊ) حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا 45 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 56 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 88 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ناني واري وزارت نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 7 رپيا 45 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي نئين قيمت 265 رپيا 61 پئسا في ليٽر ٿي ويندي. نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 56 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي نئين قيمت 277 رپيا 45 پيسا في ليٽر هوندي. ذريعن موجب لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 9 رپيا 88 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب گاسليٽ جي قيمت ۾ 10 رپيا 5 پئسا في ليٽر واڌ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب وزيراعظم پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. بئي پاسي وفاقي حڪومت نئين بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ آءِ ايم ايف جو هڪ ٻيو اڳواٽ شرط پورو ڪندي ٽيڪسٽائل سميت جنرل انڊسٽري يا ڪيپٽو پاور پلانٽس لاءِ گئس مهانگي ڪري ڇڏي. ناڻي واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ آچر ڏينهن ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اي سي سي پيٽروليم ڊويزن جي پيش ڪيل سمري منظور ڪري ورتي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته اي سي سي گهريلو واهپيدارن لاءِ گئس جي قيمت برقرار رکڻ جي منظوري ڏني آهي، گئس جا نوان اگهه پهرين جولاءِ کان لاڳو ٿيندا. ڪيپٽو کانسواءِ باقي انڊسٽري لاءِ به گئس اگهه برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اي سي سي ڪيپٽو پاور لاءِ گئس ٽيرف 250 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو وڌائڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪيپٽو لاءِ گئس ٽيرف 2750 مان وڌائي 3 هزار رپيا في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ٽيڪسٽائل سميت جنرل انڊسٽري يا ڪيپٽو پاور پلانٽن لاءِ گئس ٽيرف 2750 رپين مان وڌائي 3000 في ايم ايم بي ٽي يو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. سوئي سدرن ۽ سوئي ناردرن گئس ڪمپنين کي ساليانو 92 ارب رپيا واڌو روينيو ملندو، آءِ ايم ايف جي مطالبي تي جنرل انڊسٽري لاءِ جنوري 2025 ۾ گئس وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جو پلان به غور هيٺ آهي. ٻنهي ڪمپنين جو مجموعي روينيو 898 ارب هدف جي ڀيٽ ۾ 1029 ارب تائين پهچي ويندو، جڏهن ته ٻه ڀيرا گئس جا اگهه وڌائڻ سان مجموعي طور تي 132 اربن کان وڌيڪ واڌو روينيو ملندو.
petroleum pakistan price