شهيد نصرالله لاءِ سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي ۾ پريا ڪميٽي پاران شرڪت جو اعلان

ڪراچي(بيورو رپورٽ) سکر جي علائقي سنگرار مان 3 سال اڳ اغوا ٿيل معصوم نينگري پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو پريا ڪماري آزادي ڪميٽيءَ پاران احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. احتجاجي ڌرڻي ۾ لياقت جلباڻي، آفاق ڀٽي، سھڻي پارس، مھاراج شام لعل شرما، پنڊت مھيش ڪمار، پروفيسر امير گل ڪٽوهر، سينيئر صحافي لياقت عباسي، سنڌو سومرو، بشرا آرائين، وحيد سمون سميت سنڌ سول سوسائٽي ۽ ھندو برادري، سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. مظاهرين معصوم نياڻي پريا ڪماري جون تصويرون ۽ بينر ھٿن ۾ کڻي قومي گيتن سان پريا جي وارثن سان يڪجھتي جو اظهار ڪيو. ڌرڻي کي خطاب ڪندي لياقت جلباڻي چيو تہ پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ جوڙيل جي آءِ  ٽي ھن مھل تائين ڪو به ٻوٽو ٻاري ناھي سگھي، نياڻي جي بازيابيءَ تائين جدوجهد جاري رهندي. جيستائين پريا ڪماري پنهنجي والدين کي نہ ٿي ملي تيسيتائين ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ جاري رھندي. آفاق ڀٽي چيو تہ پريا جي آزاديءَ جي حوالي سان سوشل ميڊيا تي غلط افواهه پکيڙي احتجاج کي بي اثر ڪرڻ لاءِ حربا استعمال ڪيا پيا وڃن. پر جيستائين پريا ڪماري جا وارث پاڻ ميڊيا تي اچي سندس بازيابي جو اعلان نه ٿا ڪن تيسيتائين اسان خاموش نه ويهنداسين. پريا ڪماري آزادي ڪميٽي جي احتجاج کي خطاب ڪندي اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ ھيو ته پريا ڪماري جي اغوا واقعي کي 3 سال گذري چڪا آھن پر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا معصوم ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل آھن، جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. اڳواڻن پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءَ جلد ڪراچي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس گھرائڻ جو اعلان ڪندي چيو ته ڪانفرنس ۾ سياسي،سماجي، مذھبي، سول سوسائيٽي ، ھيومن رائيٽس ڪميشن سميت مڪتبه فڪر جي عالمن سڳورن کي پڻ شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. جڏھن ته مير پور ماٿيلو جي شھيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ سندس امڙ پٺاڻي پاران 3 جولاءِ تي اعلانيل ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم ھائوس تائين ريلي ۽ ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو ويو.

JusticeforNasrullahgadani PriyaKumari Protest

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.