ڀارت گذريل ڏينهن بارباڊوس جي برج ٽائون ۾ کيڏي ويندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل مئچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي جو عالمي چيمپئن بڻيو.
اهڙي فتح بعد ڀارتي ٽيم جا رانديگر اسٽيڊيم ۾ ناچ ڪندي ۽ جشن ملهائيندي نظر آيا، ڪجهه رانديگرن کي ته فيملي سان وڊيو ڪال کي ڳالهائيندي ڏٺو ويو.
مئچ کٽڻ بعد ڀارتي ٽيم جو ڪپتان روهت شرما هڪ ڀيرو ٻيهر چيمپئن بڻجڻ جي خوشيءَ ۾ روڻهارڪو ٿي ويو.
منفرد انداز ۾ فتح جو جشن ملهائڻ لاءِ روهت شرما پچ جي مٽي کائيندي نظر آيو، جنهن جي وڊيو آءِ سي سي جي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي به جاري ڪئي وئي هئي.
وڊيو ۾ روهت شرما کي پچ تي ويهي مٽي کائڻ بعد اٿي ويندي ڏسي سگهجي ٿو، چيو ويو آهي ته روهت شرما پنهنجي ڪاميابي تي خوش ۽ مطمئن آهي انڪري هن اهڙو قدم کنيو.
India RohitSharma T20WorldCup2024
You might also like