”هي منهنجو آخري مئچ هو“ روهت شرما به ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز تان ريٽائر ٿي ويو

آءِ سي سي مينز ٽي ٽوئنٽي ورلڊ جو چيمپئن بڻجڻ بعد ڀارتي ٽيم جي ڪپتان روهت شرما به ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
ڀارتي ڪپتان روهت شرما چيو ته هن فارميٽ کي ورلڊ ڪپ کٽڻ بعد الوداع لاءِ سٺو ڪو موقعو نه هوندو، مان ون ڊي ۽ ٽيسٽ کيڏندو رهندس.
روهت شرما 159 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ڀارتي ٽيم جو حصو رهيو ۽ هو انهي فارميٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ 4231 رنسون ٺاهيندڙ بيٽسمين آهي، جنهن جي ايوريج 32.05 رهي.
روهت جي شاندار ڪيرئر ۾ پنج سينچريون به شامل آهن، جڏهن ته شرما سڀ کان وڌيڪ 205 ڇڪا به لڳائي چڪو آهي.
India Champions RohitSharma

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.