اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته مائڪرو اڪنامڪ استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام ضروري آهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته حڪومتي قدمن سبب مهانگائي جي شرح 38 کان گهٽجي 12 سيڪڙو تي آئي آهي، ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي رهيو آهي، مائڪرو اڪنامڪ اسٽيبلٽي هن وقت سڀ کان وڏو چئلينج آهي، مائڪرو اڪنامڪ استحڪام لاءِ آءِ ايم ايف جو پروگرام ضروري آهي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف سان ڊگهي مدي جو پروگرام ڪري رهيا آهيون، جولاءِ ۾ آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ جي اميد آهي، اسان جي خواهش آهي ته آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هجي، توانائي ۽ پيٽروليم جي شعبي ۾ سڌارا آڻينداسين، پيٽروليم شين تي 70 رپيا وڌ کان وڌ ليوي آهي پر 70 رپيا ليوي فوري طور لاڳو نه ٿيندي.
سندس چوڻ هو ته نئين پينشن اسڪيم سڀاڻي کان لاڳو ٿيندي، آرمڊ فورسز کي هڪ سال لاءِ ڇوٽ ڏني آهي، ڇو ته انهن کي پنهنجي اداري جي ڍانچي کي ڏسڻو آهي، پي ايس ڊي پي تي اسان ڪٽ لڳايو آهي، سنڌ جيان وفاق ۾ به پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي وڃڻو پوندو، پي ايس ڊي پي بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تي وينداسين.
محمد اورنگزيب چيو ته نون ٽيڪسن سبب ماڻهو دٻاءُ محسوس ڪري رهيا آهن، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پگهاردار طبقي تي بار وڌيو آهي، جيئن ئي ڪا مالي گنجائش ٿيندي پگهاردار طبقي کي رليف ڏينداسين.
mohammadaurangzeb pmln budget2024