ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ انٽرنيشنلز تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڀارت سنسني خيز مقابلي بعد ڏکڻ آفريڪا کي شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر ٽي ٽوئنٽي جو عالمي چيمپئن بڻجي ويو.
مئچ بعد ڳالهائيندي ويرات ڪوهلي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ تان ريٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
هن چيو ته اڄ منهنجو آخري ٽي ٽوئنٽي مئچ هو، وقت اچي ويو آهي ته نئين نسل جي لاءِ جاءِ ڇڏي وڃي، اميد آهي ته ڪجهه سٺا رانديگر ٽيم کي اڳتي کڻي ويندا.
ڪوهلي کي فائنل ۾ پليئر آف دي مئچ قرار ڏنو ويو، 124 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنلز ۾ ڀارت جي نمائندگي ڪئي ۽ هڪ سينچري، 38 ففٽين جي مدد سان 4188 رنسون ٺاهي چڪو هو.
ViratKohli T20Internationals T20Worldcup2024
You might also like