بارباڊوس (ويب ڊيسڪ) ڀارت ڏکڻ آفريقا کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کٽي ورتو پر آخري اوور ۾ سوريا ڪمار يادو جي ڪيچ تي بحث ٿي رهيو آهي.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ڏکڻ آفريقا کي آخري اوور ۾ 16 رنسون گهربل هيون ۽ هاردڪ پانڊيا بالنگ تي آيو، ڊيوڊ ملر اسٽرائيڪ تي هو ۽ هن فل ٽاس تي ڇڪو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پر سوريا ڪمار بائونڊري لائن تي شاندار ڪيچ پڪڙي ڏکڻ آفريقا جون ورلڊ ڪپ کٽڻ جون اميدون لوڙهي ڇڏيون.
سوريا ڪمار بائونڊري لائن تي ڇڪو روڪيندي ڪيچ پڪڙيو، جنهن جو فيصلو ٿرڊ امپائر وٽ ويو ۽ ان ڪيچ کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، جنهن سان ملر جي اننگز جو خاتمو ٿي ويو ۽ ڏکڻ آفريقا جون ٽائيٽل کٽڻ جون اميدون دم ٽوڙي ويون.
ڀارت جي چيمپيئن بڻجڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي ڪيچ جي حوالي سان تڪرار پيدا ٿي ويو آهي ۽ ماڻهو بحث ڪري رهيا آهن ته سوريا ڪمار جو پير بائونڊري لائن کي لڳو هو.
savsind icc men’st20worldcup southafricavsindia