صدر آصف زرداري فنانس ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري فنانس ترميمي بل 2024 جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن موجب قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ طرفان گذريل ڏينهن فنانس ترميمي بل 2024 ايوان صدر کي موڪليو ويو هو.
ايوان صدر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب صدر وزيراعظم جي ايڊوائس تي آرٽيڪل 75 تحت فنانس بل جي منظوري ڏني، افنانس بل پهرين جولاءِ 2024 کان لاڳو ٿيندو.
واضح رهي ته قومي اسيمبلي ٻن ڏينهن اڳ 18 هزار 887 ارب رپين جي وفاقي بجيٽ منظور ڪئي هئي.

asifzardari shahbazsharif pmln

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.